راڻي باغ حيدرآباد

راڻي باغ حيدرآباد

راڻي باغ حيدرآباد

راڻي باغ حيدرآباد

راڻي باغ حيدرآباد1

راڻي باغ حيدرآباد: حيدرآباد ۾ عام ماڻهن جي سير تفريح لاءِ قائم ٿيل هي باغ، ڪراچيءَ جي سفاري پارڪ کان پوءِ سنڌ ۾ ٻئي نمبر تي وڏي ۾ وڏو باغ آهي، جتي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ڪيترا ماڻهو هي باغ گهمڻ لاءِ اچن ٿا. هي باغ اٽڪل 80 ايڪڙ زمين تي مشتمل آهي. هن باغ ۾ عام ماڻهن، عورتن ۽ ٻارڙن جي تفريح لاءِ هڪ وڏو چڙيا گهر پڻ موجود آهي، جنهن ۾ هر قسم جا جانور ۽ ڪيترا پکي رکيل آهن. هن باغ جا ٻه مکيه دروازا هڪ جي. او. آر ڪالوني جي پاسي کان ٻيو قاسم آباد واري روڊ واري پاسي آهي. هيءُ باغ حيدرآباد ۾ سير تفريح جو مکيه مرڪز آهي. هن باغ ۾ ’فن لينڊ‘ پڻ آهي. جنهن ۾ جهولا، چوڏيل، ٻيڙيون، ريل وغيره شامل آهن. سير تفريح لاءِ قائم ٿيل هن باغ جو بنياد 1935ع ۾ پيو هو. 1937ع ۾ ڀائي ليلارام ڀيرو مل پنهنجي والد سهارام خوبچند ليلارام جي ياد ۾ هڪ چبوترو راڻي باغ جي وچ ۾ ٺهرايو هو، جتي ماضيءَ ۾ هڪ هوٽل هوندو هو. هينئر راڻي باغ جي اها مکيه جڳهه آهي، جتي جهولا لڳايا ۽ پارڪ ٺاهيو ويو آهي. 1942ع ۾ ديوان واڌو مل جهامن داس پنهنجي نياڻي گوپيءَ جي ياد ۾ هڪ تلاءُ ٺهرايو هو. پاڪستان ٺهڻ بعد هتي جانورن جو چڙيا گهر ٺاهيو ويو. سيٺ ولي ڀائي ۽ برڪت ڀائيءَ باغ جي مرمت ڪرائي، زناني پارڪ کي چوديواري ڏياري، جنهن کي هينئر فن لئنڊ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ اوپن ايئر ٿيٽر ۽ باغ سان گڏوگڏ مسجد ۽ عيدگاهه پڻ موجود آهي. هيءَ باغ حيدرآباد جي خاندانن لاءِ سير تفريح جو مکيه مرڪز آهي. واڌو مل جي نالي سان مشهور ’واڌو واهه‘ راڻي باغ کي آباد ڪندو هو، جيڪو هن وقت به موجود آهي، پر اُن جي گندي نالي واري حيثيت وڃي رهي آهي. ضلعي انتظاميه ڪوشش وٺي ته هي واهه قاسم آباد جو بهترين تفريح گاهه بڻجي سگهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو